اوٻاوڙو )رپورٽ غلام علي رند(اوٻاوڙو ڀرسان پير عزيز ڪرماني وٽ چار ڏينهن اڳ ڪوش برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خير محمد ڌئونڌو قتل ٿي ويو هو. قتل ٿي ويل خير محمد ڌئونڌو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اوٻاوڙو پوليس پاران ڳوٺ سجاول ڪوش مٿان چڙهائي دوران ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيل نوجوان مرتضيٰ ڪوش سکر جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڇانيل آهي.










