“خودڪشيء جي کاڻ ۾ جلندڙ جوانيون”

ساقي ابڙو
سنڌ جي سرزمين جيڪا سرسبز، شاداب ۽ خوشحال رهي آهي ۽ جيڪا اڄ به تيل، گيس، ڪوئلي ۽ ٻين معدنيات سميت قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ان سنڌ ۾ اڄ بک، بيروزگاري، بدحالي، ظلم، زيادتين ۽ ناانصافين جي ڪارڻ روزانو ڪيترائي اهڙا خودڪشيء جا واقعا جنم وٺي رهيا آهن جيڪي نه رڳو جيء کي جهوري ٿا وجهن پر انهن لونء ڪانڊاريندڙ انتهائي قدمن سان ڪيترين ئي امڙين جون جهوليون خالي پڻ ٿينديون رهيون آهن ۽ ڪيترين ئي ڀينرن کان پنهنجا مونڀي ڀائر ۽ ڪيترين ئي ونين کان انهن جا ور کسجندا رهيا آهن جنهن سببان انهن جي گهرن ۾ ماتم پڻ برپا ٿيندا رهيا آهن ٿر بر، ڳوٺن ۽ شھرن سميت سڄي سنڌ ڄڻ ته خودڪشيء جي کاڻ بڻجي وئي آهي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ اهڙن واقعن متعلق گڏ ڪيل انگن اکرن موجب 35 کان 40 سيڪڙو مرد ۽ 25 کان 30 سيڪڙو عورتون خودڪشيء جو کاڄ بڻجن ٿا جن جي شرح تيزيء سان وڌي رهي آهي هڪ جائزي موجب سراسري طور روزانو 2 کان 3 انساني جانيون انهي آڙاھ جي نظر ٿي رهيون آهن جنهن مطابق هر مهيني 60 کان 90 تائين خوبصورت زندگين جا ڏيئا اجهامي ٿا وڃن۔ اهي ته آهن ميڊيا تائين پهتل انفارميشن موجب انگ اکر پر سڄي سنڌ ۾ آپگهات جا اهڙا به الميا ٿين ٿا جيڪي ڪنهن ڪارڻ ميڊيا تائين نٿا پهچي سگهن يا رپورٽ ٿي نٿا سگهن جن کان اسين بلڪل بي خبر ٿا رهون۔
خودڪشي جيڪو بلڪل انتهائي قدم هجي ٿو، ظاهر آهي ڪو ماڻهو پنهنجي خوشيء سان اهو قدم ڪون ٿو کڻي ان جي پٺيان ڪن سببن ۽ ڪن حالتن جو عمل دخل ضرور هجي ٿو جيڪو انسان کي پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي ئي زندگي ختم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، بک، بدحالي ۽ بيروزگاريء کان تنگ ٿي جيڪي پڙهيا لکيا نوجوان خودڪشي ڪن ٿا انهن جو بنيادي سبب ته بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ٿي سگهي ٿو پر ان جي پس پرده جيڪي حالتون ساڻن لاڳو هجن ٿيون اهي ايڏيون ته اذيتناڪ هجن ٿيون جو انهن کي ٻي ڪابه واھ نظر نٿي اچي سواء خود ڪشيء جي۔ گهر ۾، خاندان ۾ ۽ سوسائٽي يا سماج ۾ ساڻن جيڪو رويو اخيار ڪيو وڃي ٿو اهو ايڏو ته ڏکوئيندڙ هجي ٿو جو اهو رويو کين احساس محروميء ۽ احساس ڪمتريء ۾ مبتلا ٿو ڪري ڇڏي۔ فضائن ۾ پرواز ڪندڙ، خلائن ۾ سفر ڪندڙ ۽ سمونڊن جو سينو چيريندڙ انسان آخر ڇو وقت ۽ حالتن جو سينه سپر ٿي مقابلو ڪرڻ بجاء هنن آڏو گوڏا ٿو کوڙي ڇڏي ۽ زندگيء تي موت کي ترجيح ٿو ڏئي، موت کي به وقتي حيات بخشيندڙ انسان آخر ڇو موت سان ئي زنده نه رهڻ جو ايگريمينٽ ٿو ڪري۔ اهو انسان جيڪو پهاڙن کان وڌيڪ پختو آهي اهو ڪيئن ٿو پنهنجي جيون کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏي، اهو هڪ اهڙو احساس آهي جنهن تي سوچڻ سان لاشعوري طور ماڻهو حساسيت جي اهڙي موڙ تي ٿو پهچي جو ڏونگرن کي ڏاريندڙ انسان جو ميزان واريء جي ذري برابر ٿو محسوس ٿئي۔ منهنجي خيال ۾ خودڪشي هڪ احتجاج جو نالو پڻ آهي جيڪو پاڻ سان ٿيندڙ ظلم، زيادتي، ناانصافي ۽ پنهنجي حقن جي حق تلفيء جو رد عمل هوندو آهي اهي نوجوان جيڪي پنهنجو نور نچوئي لکي پڙهي ۽ ڏکيا سکيا مرحلا طئه ڪري هڪ سٺي روزگار جي قابل بڻجن ٿا جيڪو سندن جو حق به بڻجي ٿو پر سندن حق تلفي ڪندي کين روزگار کان محروم رکيو وڃي ٿو نتيجي ۾ بيروزگاريء سبب هڪ طرف سندس گهر ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي فيملي ليڊر جا ڀرجهلو بڻجي نٿا سگهن ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين جي ضرورتن جو پورائو نٿا ڪري سگهن جنهنجي موٽ ۾ ساڻن نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف معاشري ۾ کين قدر جي نگاھ سان به نٿو ڏٺو وڃي جنهن سان کين نه رڳو سندن حقن کان محروم رکيو ويو پر ساڻن ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي به ڪئي وئي جنهنجي نتيجي ۾ اهي نوجوان احتجاج جو اهو گس ٿا وٺن جنهن ٿي هلي اهي پنهنجو قدر پاڻ به نٿا ڪن ۽ انتهائي بي درديء ۽ بي رحميء سان پاڻ کي “خودڪشيء جي کاڻ ۾” ٿا اڇلائين۔
“خودڪشيء جي کاڻ ۾” پنهنجي جند جلائڻ کان اڳ هنن نوجوانن وٽ هڪ خواب هو، هڪ اهڙو خواب جنهنجي ڪا تعبير نه هئي، هنن جو ته اهو خواب هو ته بهترين تعليم حاصل ڪرڻ بعد کين سٺو ۽ عزت وارو روزگار ملندو ۽ هو هن معاشري جا ذميوار ۽ قابل قدر فرد بڻجي ويندا پر سندن اهي خواب ائين ئي ساڀيان ماڻي نه سگهيا جيئن هو پاڻ جواني ماڻي نه سگهيا۔

پهنجو تبصرو موڪليو