خالصتان تحريڪ اظهار جي آزادي جو معاملو قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته آمريڪا خالصتان کي اظهار جي آزادي جو معاملو سمجهي ٿو.پنهنجي بيان ۾ ويدانت پٽيل چيو ته آمريڪا ۾ ماڻهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي، خالصتان جي غير سرڪاري ريفرنڊم تي تبصرو نه ڪنداسين.هن چيو ته آمريڪا ۾ عوام کي پهرين ترميم تحت پرامن اسيمبلي جو حق حاصل آهي.هن چيو ته وزيراعظم ٽروڊو کي ڀارت تي لڳايل الزامن تي سخت ڳڻتي آهي، ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي جاچ کي اڳتي وڌائڻ تمام ضروري آهي.ويدانتا پٽيل چيو ته آمريڪا عوامي ۽ خانگي طور تي هندستاني حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو ڪئناڊا جي تحقيقات ۾ تعاون ڪري.پاڪستان ۾ غير قانوني افغان پناهگيرن بابت سوال جو جواب ڏيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته افغان پناهگيرن جي آبادڪاري ۾ پاڪستان اهم ڀائيوار رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو