حڪومت وٽ عوام لاءَ هن بجيٽ ۾ ڪو رليف آهي؟

تحرير شيرمحمد سولنگي
پاڪستان جو عوام بک بدحالي، لاقانونيت مان بيزار ٿي ويو آهي ۽ اميد رکي پيو ته هن مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪو رليف ملندو پر وفاقي سرڪار ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب، حڪومت ايندڙ مالي سان جي وفاقي بجيٽ عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جي مشاورت سان تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، دستاويزن موجب، ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي مڪمل صلاح مشوري سان بجيٽ تيار ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت بجيٽ سرپلس بابت صوبن کان تصديق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .
دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي بجيٽ جي تياري تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ پنهنجا شرط پيش ڪري رهيو آهي، حڪومت کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي پاسي نئين مالي سال جي بجيٽ جي تيارين جي سلسلي ۾ ايف بي آر هيڊ ڪوارٽرز ۾ عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي، جڏهن ته سمورن ايف بي آر آفيسرن ۽ ملازمن کي سرڪاري سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) سان ڳالهين لاءِ وفاقي سرڪار گهريلو، ڀاڻ، سي اين جي ۽ سيمنٽ سيڪٽر لاءِ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون، ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد کي گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٽي پلان ڏنا ويا آهن، آءِ ايم ايف کي فرٽيلائزر پلانٽس لاءِ به گئس جي اگهن ۾ واڌ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن، ان کانسواءِ گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ڊيويڊنڊ اسڪيم تي به مشاورت ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين، سڌارن ۽ ٽيرف بابت ڊيٽا آءِ ايم ايف سان وقت سر شيئر ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد سان گئس سيڪٽر لاءِ ٽيرف، گردشي قرض ۽ ريفارمز تي ڳالهيون ٿينديون، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان ۾ آگسٽ کان گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بل سئو کان چار سئو رپين تائين وڌائڻ جي تجويز آهي، ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب تندورن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، ھنن سرمائيدار حاڪمن ڇا ڪيو آهي جو سرڪاري نوڪرن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ واڌارو ڪري ايئن سمجهيو آهي ته نوڪر خوش ته مالڪ به خوش! سوچيو ته پاڪستان جي ٽيويھه ڪروڙ آباديءَ ۾ اھڙن نوڪرن جو انگ ھڪ سيڪڙو به ڪونهي. پر ڇا ڪجي ڪارخانيدارن جي ذھنيت ھوندي اھا آھي ته مئنيجر وفادار رکجي ته مزدورن کي موچڙا هڻي به اوور ٽائيم ڪم وٺي اسان کي ڪمائي کارائيندو. مزدورن جا ٻچا ڀلي بکيا سمھن،رمائيدارن جا ڏيھي توڙي پرڏيھي بئنڪ بيلنس وڌن ويجھن، ھتي آئون پڙھندڙن کي ياد ڏياريندس ته تيرنھن پارٽين جي سرڪار کي ھن ڀاڄوڪڙ کان سواءِ ڪوبه ٻيو معاشي ماھر نه ملي سگهيو آھي جيڪو پاڪستان جي ڏينهون ڏينهن ڊھندڙ ڪرنسي کي سنڀالي مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ وڪوڙيل معيشت کي پٽڙيءَ تي چاڙهي، سوين وطن واسين کي روزگار نه ملڻ سبب آپگهات ڪرڻ کان بچائي سگھي. ھاڻي ته ھنن انگن اکرن جي جادوگري کي اڻپڙهيل خلق به سمجهي چڪي آهي ته جيڪو به ٽيڪس واپارين ۽ ڪارخانيدارن تي لاڳو ٿئي ٿو، ان جو نزلو نيٺ مسڪين ماڻهن تي ئي ڪري ٿو جيڪي اڳ ۾ ئي پنهنجن ٻچڙن واسطي ٻن ويلن جي سڪل روٽيءَ کان به وانجهيل آهن، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف پروگرام سان سلهاڙيل هجڻ ڪري بجيٽ جي تياري رولڙيجوشڪارآهي. ذريعنجوچوڻآهيتهآءِ ايم ايف سان ٽيڪس اوڳاڙي ۽ بجيٽ خسارو طئه ڪرڻ کان پوءِ باقي شيون طئه ٿي سگھنديون، جڏهن ته وفاقي وزارتن لاءِ ترقياتي بجيٽ جي حد به اڃا طئه ناهي ٿي سگھي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ناڻي وزارت موجب بجيٽ اسٽريٽجي پيپر 25-2024ع اڃا تائين تيار ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته بجيٽ اسٽريٽجي پيپر 22 اپريل تائين منظور ڪرائڻ جو هدف هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ساليانو پلان ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جا اجلاس به ناهن گھرايا ويا جڏهن ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس مئي جي ٻئي هفتي ۾ رٿيل هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا لاءِ بجٽ دستاويز جي تڪميل هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته نئين مالي سال جي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي به وفاقي بجيٽ تي بريفنگ ڏني ويندي پر قومي اسيمبلي، سينيٽ جي ناڻي ۽ منصوبا بندي بابت ڪاميٽيون به اڃا تائين ناهن جوڙيون ويون. اميد هئي رليف جي پر اڃا تائين جي آثارن موجب ڪو به رليف نه ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو