جسٽس عرفان سعادت سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس عرفان سعادت کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جسٽس عرفان سعادت جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته 20 آڪٽوبر تي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس عرفان سعادت کي سپريم ڪورٽ جي جج طور ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. جسٽس عرفان سعادت جي سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪُل ججن جو انگ 16 ٿي ويو، هلندڙ سال 7 جولاءِ تي جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري جو حلف کنيو هو.سپريم ڪورٽ ۾ هڪ جج جي جاءِ خالي آهي، ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻئي جج جي مقرري لاءِ جلد جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، جڊيشل ڪميشن پنهنجي ميمبرن کان ججن جي مقرري جي معاملي تي تجويزون به طلب ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو