جاگيرداراڻي ناسور جي تاريخ

طفيل مگسي
اڄ پاڻ تاريخ جي اهڙي حوالي جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿاته جنهن جو مقصد اصل ۾ اهو آھي ته اسان وچ اوڀر ۽ يورپ جي تاريخ جي هڪ اهڙي دور کي سمجهي سگهون.جنهن ۾ خاص ڪري يورپ جي اندر سياسي.سماجي ۽ ثقافتي حوالي کان ڪيتريون ئي تبديليون ٿي رهيون هيون يعني ٻين لفظن ۾ هڪ قسم جو انقلاب برپا ٿي رهيو هو.
THE 5TH CENTURY MARKS THE TRANSITION FROM THE SLAVE-ECONOMY TO THE FEUDAL MODE OF PRODUCTIONعني پنجين صدي اصل ۾ معشيت جي غلامي کان جاگيرداري پيداواري نظام ڏانهن تبديلي جو دور آھي.جيڪو يورپ جي سماجي و اقتصادي ترقي ۾ اهم موڙ ثابت ٿيئي ٿو. يورپ هن وقت هڪ خاص معاشي نظام ((SOCIAL ECONOMIC SYSTEM )کان نڪري ڪتئري ٻيئي يعني هڪ مخفتلف معاشي وسياسي نظام جي اندر داخل ٿي رهيو هو.. جيڪو پهريون نظام هو.اسان ڄاڻون ٿا ته اهو مڪمل طور تي غلامي تي بنياد رکندو هو.روم جي اندر وڏي انگ ۾ غلام ئي هوندا هئا.ليڪن اهو نئون نظام جيڪو اڀري رهيو هو.سو نهايت ئي اهم موڙ ثابت ٿيو هو.
THE FALL OF ROME AND RISE OF CHRISTIANITY IN THE 5TH CENTURY MARKS A CHANGE IN EUROPE’S SOCIO-ECONOMIC SYSTE
يعني ته يورپ جي سماجي ۽ معاشي نظام ۾ پنجين صديء عيسوي ۾ روم جو زوال ۽ عيسائيت جو عروج هڪ سياسي.سماجي ۽ خيالي.ثقافتي.معاشي بنيادتي تبديل ٿيڻ لڳا.ان سموري تبديلي جي دور کي اسان جاگيرداراڻو نظام يا فيوڊلز(FEUDALISM )سڏيون ٿا.جيڪو پنجين صديء کان اڀري ڪري سورهين صديء تائين جاري رهي ٿو. جاگيرداراڻي نظام جا معاشي ڪارڻ. بنيادي طور تي جيڪا غلام معشيت(SLAVE ECONOMY )هئي.جيڪا غلامي تي بنياد رکندي هئي.هاڻي روم جي پوئين ڏھاڙن ۾ اهو غلامي وارونظام وڌيڪ نٿي هلي سگهيو هو.۽ ان جي بنياد تي رياست قائم ٿي چڪي هئي ته ان رياست کي وڌيڪ وڏو نه ڪري سگهبو هو ۽ ان قدر ظالماڻي بڻجي چڪي هئي ته جنهن جي نتيجي ۾ ا جي خلاف نغاوتون جاري هيون.قوم جي اندر بغاوت جاري هئي.ايستائين ته روم جي اندر کان اهڙا ڪيترائي ماڻھو هئا.جن چاهيو ٿي ته روم جي فتح نه ٿيئي.۽ ان کي دشمن جي هٿان شڪست نصيب ٿيئي.سمورن رومي جنرلن اهو فيصلو ڪيو ته اهي روم جو ساٿ نه ڏيندا بلڪ اهي ان جي خلاف بغاوت ڪري رهيا آھن.انهن جو ساٿ ڏيندا. روم جي غلاماڻي معشيت جي ٽٽڻ جو اڪيچار سبب هئا.جن منجهان هڪ ٽيڪس( TAXES )جي وڌندڙ شرح ھئي. روم جي پوئين دور ۾ ٽيڪس جي شرح ايتري گهڻي ٿي وئي هئي ته هارين جي لاء هارين جي لاء زمين تي پوکي راهي ڪرڻ مشڪل ٿي چڪي هئي.ان کانسواء روم.جي مختلف علائقن ۾ بغاوتون جاري هيون.جنهن جي سبب کان امن وامان جو فقدان هو.انهن ۡحالتن ۾ هارين کي پنهنجي حفاظت جي لاء ڪنهن مضبوط قوت جي ضرورت هئي. رومين اڳ ۾ ڪالونيون قائم ڪيون هيون.جن جي اندر هارين کي زمين تي پوکي راهي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو.جڏھن ٻين قبيلن روم تي قبضو ڪيو ته اهي انهن ڪالونين جا مالڪ بڻجي ويا.ان جي بدلي ۾ مالڪ سندن جي حفاظت ڪندا هئا. ان ريت زمين جي ملڪيت جي بدلي ۾ حفاظت ميسر ڪرڻ جي اصول تي مشتمل جاگيرداراڻو نظام.قائم ٿيو ۽ انهيء نظام ۾ جاگيردار((LORDS) زمين جا مالڪ ٿيا هئا ۽ ھاري( SERFS) انهن جي زمينن تي پوکي راهي ڪندا هئا.هارين کي پنهنجو هڪ حصو جاگيردار کي ڏيڻو پوندو هو. جاگيرداراڻو نظام اصل ۾ انهيء رومي غلاميء واري معشيت جي ٽوڙ ڦوڙ جي نتيجي ۾ جنم ورتو. ان نظام ۾ زمين جي ملڪيت ۽ حفاظت ميسر ڪرڻ واري اصول تي مشتمل هڪ نئين معشيت قائم ٿي.
THE TERM FEUDALISM COMES FROM THE LATIN WORD “FEUDUM” OR “FEODUM” WHICH MEANS “FEE” (ALSO CALLED AS “FEUD” OR “FIEF”.
يعني يوٽلزم ۽ يوٽلزم.جو لفظ جيڪو اصل ۾ لاطيني لفظ“معاوضو“کان نڪتل آھي.جنهن کي“فيوڊ“يا“ فيف“به سڏيو ويندو آھي).
جاگيرداراڻد نظام جا نظرياتي وثقافتي سبب.
THE IDEOLOGY AND CULTURE OF EUROPEAN FEUDALISM WAS A SYNTHESIS OF INDO-EUROPEAN AND SEMITIC BELIEFS
يورپي جاگيرداري جو نظام هڪ اهڙو ڏکيو سماجي ڍانچو هو ته جيڪو يورپي ۽ سامي ثقافتن جد عقددن ۽ روايتن جي ڪارڻن کان جڙيو هو.انهن ٻنهي ثقافتن جو يورپي جاگيرداري جي معاشرت.سياست ۽ قانون جي جوڙجڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ ان نئين (SYNTHESIS ) کي اصل ۾ رومي ڪيٿولڪ (ROMAN CATHOLICISM)سڏيو وڃي ٿو.
جنهن ۾ يورپي ثقافت سان خانداني نظام زمين جي ملڪيت ۽ وفاداري جا تصور شامل هئا.جڏھن ته سامي ثقافت سان خاص طور تي مذھبي نظريا شامل هئا.
AS THE CHURCH DEVELOPED INTO AN INSTITUTION, IT TRANSFORMED OVER TIME INTO AN INTERNATIONAL CENTRE OF EUROPEAN FEUDALISM
جيئن جيئن چرچ هڪ مضبوط اداري جي شڪل اختيار ڪري رهيو هو.تيئن تيئن وقٿ سان گڏوگڏ ان ۾ تبديليون اينديون رهيون ۽ اهو هڪ اهڙي بين الاقوامي مرڪز ۾ پوئجي ويو.جيڪو يورپي جاگيرداراڻي نظام کي سگه ڏيندو هو.چرچ ۽ جاگيرداري نظام جو بنياد هڪ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندو هو.
شروع ۾ چرچ جا ماڻھو نهايت غريب هوندا هئا .هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ وڄڻ ۽ عيسي مسيح عليه جو پيغام.پهچائڻ .بعد ۾ جيئن جيئن ٻين علائقن جا ماڻھو مسيحيت کي قبول ڪرڻ لڳا ته ان سان گڏوگڏ خاص مسيحي ڪميونٽي قائم ٿيڻ شروع ٿي ته ان جي سارسنڀال ۽ حفاظت جي لاء ان پنهنجو هڪ خاص نمائندو مقرر ڪيو.جنهن کي پشپ جو نانء ڏنو ويو.
پشپ جيڪي نهايت ئي طاقتور ماڻھو ٿيندا ويا۽ جيئن جديئن چرچ طاقتور ٿيندو ويوتيئن تيئن پشپ به طاقتور عي ويا ۽ روم جو جيڪو پشپ هو.اهو اصل ۾ پوپ(POPE ) هو.
اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪجه علائقن ۾ خاص طور تي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ چرچ کانسواء چرچ کان ٻاهر اوهان کي ڪي پڙھيل لکيل ماڻو ئي ملندا هئا.مقصد ٿه چرچ ان سموري يورپي فيوڊل سسٽم جو هڪ اٽل حصو بڻجي ويو.
BY THE LATE MEDIEVAL PERIOD THE CHURCH OWNED ABOUT A THIRD OF EUROPEAN LAND
جيتوڻيڪ چرچ ته جيڪو هڪ پنهنجو پاڻ تمام وڏو جاگيردار بڻجي ويو هو.يورپ ۾ قفون وسطي جي پوئدن دور تائين چرچ جي ملڪيت يورپ جد اٽڪل هڪ حصو زمين تي مشتمل هئي۽ باقي جيڪي ٻه حصا هئا اها مختلف قبيلن جي ملڪيت هئي.
ان کان چرچ جي اندر به هڪ تبديلي اچڻ شروع ٿي.جيڪا تبديلي اها هئي ته جيئن اها سموري ريت چرچ جي اندر اچڻ شروع ٿي ته ان کان چرچ ۾ مسيحيت( CHRISTIANITY ) جي اندر رشوت جو رواج پيدا ٿيو ۽ ان جي سوچ جاگيرداري نظام سان ڳنڍجي وئي.
نتيجو.
هن بحث ۾ اسان جي اصل دلچسپي فلسفياڻي سوچ جي حوالي کان آھي.مگر ان سوچ کي اسان ان وقت تائين نٿا سمجهي سگهون.جيستائين اسان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انهن تاريخي مادي ۽ گهربل حالتن کي نٿا سمجهي سگهون .جنهن جي نتيجي ۾ مختلف فلسفياڻين نظرين ۡ۽ فڪرن جي جوڙجڪ ٿي.
ان ڪري يورپ ۾ پنجين صدي کان سورهين صديء ٿائين جاگيرداراڻو نظام(FEUDALISM)قائم رهيو.جيڪو نظام مختلف ثقافتن جي ميلاپ سان جڙيو.سامي ثقافت.يورپي ثقافت ۽ جرمن ثقافت.
سامي ثقافت(SEMITIC CULTURE)،يعني اها سوچ .فڪر و مذھب جيڪو يهودين کان ٿيندو عيسائيت جي شڪل ۾ نڪري ڪري يورپ.اوله يورپ ۽ رومي وغيره.سموري رومي دنيا(ROMAN WORLD) ۾ پکڙي.جيئن اسان ذڪر ڪيو ته سامي ثقافت قديم.يهوديت ۽ عيسائيت کان متاثر هئي ته ان لحاظ کان چرچ جاگيرداراڻي نظام کي مذھبي سبب ميسر ڪيو.چرچ جي مطابق جاگيردار زمين جا مالڪ هئا ۽ ڇوته انهن کي اها ملڪيت خدا ڏني آھي.هارين کي جاگيردار جي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي .ڇاڪاڻ ته اها خدا جي مرضي آھي.
ٻي يورپين ثقافت جيڪا قديم.يونان ۽ يورپي ثقافت سان جڙيل هئي.۽ ٽين جرمن ثقافت ۽ روايتون جيڪا قديم جرمن قبيلن جي ثقافت هئي.قديم.جرمن قبيلن ۾ قيادت ۽ اڳوڻن جو هڪ طاقتور طبقو هوندو هو.جيڪو طبقو قبيلن جي حفاظت ۽ قيادت ڪندو هو.
انهن ٽنهي ثقافتن ۽ روايتن جي کان ئي بنيادي طور تي هرقرون وسطي جي جاگيرداراڻي ثقافت ( MEDIEVAL FEUDAL CULTURE) جڙي سگهي
روم ۽ يورپ.۾ ته جاگيرداري جو ته ڪارو منهن ٿيو ۽ اها سدائين جي لاء مات کائي وئي مگر سنڌ جي اندر برصغير ۽ بعد ۾ پاڪستان بنجڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي اندر اها ختم ته نٿي سگهي بلڪ ناسور جي شڪل اخٿيار ڪندي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي پئي وڃي جنهن جي ڪري نه صرف ھتان جو عوام ذلت و رسوائي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آھي بلڪ پاڻ سنڌ به ماضي جي کنڊرن جو هڪ اڻکٽ سلسلو بڻجي رهي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو