تيل جي قيمتن ۾ واڌ،بکايل عوام ۽ قرض

محمد اسماعيل
ماشاء الله اسانجي ملڪ کي انگريزن مان آزاد ٿئي 76 ورهين ٿي چُڪا آهن ۽ پاڪستان کي ان نظريئي تحت انگريزن جي غلامي مان آزاد ڪري دنيا جي نقشي تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو اسلامي مطلب جنهن به طرز تي ملڪ هلندو اهو نج اسلامي هوندو ڪو به غير شرعي يا غير اسلامي نظام نه هوندو هن وقت ڪيتري قدر اسين پنهنجي ملڪ کي نج اسلامي ريتن رسمن تحت هلائي رهيا آهيون ۽ جمهوريت معني هتي صرف عوامي مينڊيٽ کي اهميت هوندي ھن وقت حڪمران طبقي وٽ عوامي مينڊيٽ ۽ جمهوريت جو ڪيترو قدر رهيو آهي
اهو نظريو هئو ته عوامي اصولن جي پاسداري تحت ملڪ هلندو ۽ ھن وقت هر ماڻھون چڱي ريت ڄاڻي چُڪو آهي ته اسانجي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو حڪمرانن ڪهڙو حشر ڪيو آهي ڪهڙي حد تي اچي بيهاريو آ ملڪ هن وقت بيروني قرضن جي اهڙي پنجوڙ ۾ اچي ڦاسي چڪو آهي جيئن هڪ شڪاري جي وڇايل پنجوڙ ۾ ڪو شڪار ڦاسڻ کان پوء نڪرڻ جي سرجوڙ توڙ ڪوشش باوجود نه نڪري سگهندو آهي ۽ اسانجو ملڪ هڪ شڪار بڻجي چُڪو آهي گذريل 76 سالن کان حڪمرانن جي عياشين کانپوء جيڪو بيروني قرضن جي وڇايل پنجوڙ مان نڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪندي نه پيو نڪري سگهي ان سڄي صورتحال جي پسمنظر ۾ حڪمرانن وٽ ھڪ ئي مورچو بچيو آهي اها آهي ملڪ جي غريب بيروزگار ۽ بُکي عوام جنهن مان حڪمران بيرون قرض لاهڻ لاء اڻ اعلانيه طور تيل جون قيمتون وڌائي قرض لاهڻ جون اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن ملڪ قرضن ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو آهي جو حڪمرانن ملڪ جو وقار ايترو ته مجروح ڪري ڇڏيو آهي جو دنيا اڳيان هي ائٽمي طاقت رکندڙ قوم ڪنڌ کڻڻ جهڙي ناهي رهي دنيا جي ڪريل ڪمزور ملڪن تي نظر ڦيرائي ڏسبو ته اهي به اسان کان الائي ڪيترو اڳتي نڪري چُڪا آهن مثال طور افغانستان سدائين جنگين ۾ گذاريو اهو ڪيتري قدر معاشي طور مضبوط ۽ مستحڪم ٿي چُڪو آهي, ذڪر ڪجي ٿو بنگلاديش جنهن کي اسان ڪريل ڪمزور سمجهي ڌڪاري ڪڍيو اهو به بيرون ملڪ رهندڙ پاڪستاني قوم کي نيچ, نڪمو, قرضي ۽ ڪمزور سمجهي ٺٺول ڪري رهيو آهي, ايران جو حوالو ڏجي ته جنهن آمريڪا جهڙي سپرپاور اڳيان پنهنجو ڪنڌ ڪين جهڪايو اهو اسانجي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ کي سستي تيل گئس فراهمي لاء منٿون ڪندو رهيو آهي پر اسانجو ملڪ قرض جي ڪيتري ايترو ته غلام بڻجي ويو آهي جو هو صرف آء ايم ايف اڳيان هٿ ٽنگڻ ۽ جهولي جهلڻ کي ترجيح ڏئي رهيو ڇا اسين صرف خوش آهيون ته اسين نيوڪلئر پاور آهيون اسان اهو نه ڄاتو آهي ته هن ملڪن جي طاقت صرف معيشت آهي پر ائٽم نه ۽ اسين اهو سڀ ڪُجھ وساري صرف اهو تصور ڪيون ٿا ته دشمنن کي منهن ڏيڻ لاء ڏوڪڙ پئسو ۽ معاشي طور مضبوط قوم نه نيوڪلئر هجڻ ضروري آهي جيڪا اسانجي حڪمرانن جي انتهائي سنگين غلطي ثابت ٿي سگهي جڏھن به ملڪن تي ڏُکيا ڏينهن ايندا آهن انهن کي صرف مضبوط ۽ طاقتور عوام کي بچائيندي آهي ۽ جنهن ملڪن ۾ انقلاب ايندا آهن اهي انقلاب صرف بک بيروزگاري آڻيندي آهي جنهن جي اڳيان ڪابه طاقت بيهي نه سگهندي ڀلي ائٽم بم ۽ طاقتور آرمي ڇو نه هجي افسوس سان چوڻو ۽ لکڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ جو گذريل 76 سالن کان آخر اهڙو حشر ڪهڙي دشمني سمجهي ويو ڪيو ويو جو هيئنر ملڪ جا اربين ڊالر قرضن جا بار لاهڻ ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي ڪيو ويو جنهن لاء حڪمران پنهنجي قرضن جا انبار لاھڻ لاء ملڪ جي غريب عوام مٿان مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن
ميڊيا رپورٽس عالمي سياسي ماهرين, مبصرين مفڪرن جي بقول پاڪستان جي وڏن سياسي جماعتن جي اتحاد واري ۽ دستبردار ٿيل پي ڊي حڪومت جهڙي طريقي سان ڪرپشن ڪري ملڪي ناڻو ايترو 76 سالن ۾ ڪنهن به نه لٽيو سورهن مهينن جي پي ڊي ايم حڪومت پاڪستان کي اهڙي نازڪ موڙ تي اڇلائي وئي آهي هن نگران حڪومت جي وس جي ڳالھ ناهي ڇا عقلمي ملڪن جون وڏيون سياسي جماعتون به ملڪن۽ عوام سان اهڙيون دشمنيون ڪن ٿيون جيئن اسانجي ملڪ جون وڏيون سياسي جماعتون ملڪي ناڻي کي اُڏوهي جيان مزي مزي سان ويهي کائن ٿيون
پاڪستان هن وقت اهڙي نازڪ موڙ تي اچي چُڪو آهي جنهن کي بچائڻ لاء ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن کي صرف هڪ مورچو مليو آهي جيڪا آهي بُک ،غربت ،بيروزگاري ، جي باھ ۾ سڙندڙ غريب عوام جنهن جي جان مان هڪ نيوڪليئر ملڪ جو قرض لاهڻ جون اڻٿڪ ڪوششون ٿي رهيون آهن جيڪا هن ملڪ جي عوام جو معاشي قتل عام ڪرڻ جي گهري سازش آهي
عالمي مالياتي اداري آء ايم ايف سان الائي ته ڪهڙا معاهدا ۽ لکتون ٿي چُڪيون آهن جو هن جي هڪ اشاري تي تيل جون قيمتون هڪ ئي ڌڪ ۾ آسمان تي پهچايون وڃن پيون عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون ڪهڙي سطح تي آهن ۽ افغانستان، بنگلاديش، سريلنڪا جهڙا ڪمزور ملڪ معاشي طور طاقتور بڻجي سگهن ٿا پر لڳي ٿو هتان جا حڪمران اسانجي پياري وطن پاڪستان جا قرض لاهيندي سمورا وسيلا ۽ عوام کي وڪڻڻ چاهين ٿا
هن وقت ملڪ ۾ نگران حڪومت قائم آھي ليڪن نگران سرڪار جو ڪم هوندو آهي عوام کي رليف ڏيڻ پر هنن کي به دستبردار ٿيل سرڪار آء ايم ايف سان ٿيل معاهدا ڳاٽي ۾ ڦاسائي وئي آهي جيڪي عوام کي رليف ڏيڻَ بجاء ملڪ جي غريب عوام مٿان تيل جي قيمتن کي وڌائي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ نگران وزير اعظم موصوف جو بيان جاري ٿيو ته ملڪ ۾ ايتري به مهانگائي ناهي جيتري واويلا ڪئي پئي وڃي جيڪو بيان غريب عوام جي ڦٽن تي مرهم بجاء مرچ ڇٽڻ لڳو ملڪ جو غريب عوام هن وقت جنهن قيامت مان گذري پيو وزير اعظم صاحب کي ڄاڻڻ گهرجي ته ملڪ ۾ لکين غريب مسڪين ماڻھون لنگهڻ ڪاٽڻَ تي مجبور آهن هڪ ويلي جي ماني به نصيب نه پئي ٿيئن روزگار جا سمورا وسيلا زراعت به مڪمل تباه ٿي وئي آهي جنهن وسيلن ۾َ غريبن جو پيٽ پلجي ٿو اهي بلڪل ختم ٿي ويا آهن لکين ماڻھون مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن غربت ۽ بيروزگاري ماڻھن کي ايترو ته پريشان ڪيو آهي جو ملڪ ۾ هرنئين ڏينهن خودڪشين جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي ايتري تنگدست ٿي ويل مسڪين عوام مٿان مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي تيل جون قيمتون وڌائي بيروني قرض لاهڻَ جي ڪوشش هرگز نه ڪئي وڃي ملڪن ۾ جڏھن به انقلاب آيا آهن اهي بگڙيل ملڪي حالتن بک بيروزگاري سبب آيا آهن ۽ اسانجي حڪمرانن کي غور ڪرڻَ گهرجي بُکيو گدڙ شينهن سان به وڙھي پوندو آهي جيڪڏھن قرض لاهڻو آ ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ناجائز طريقن سان لُٽيل ناڻو واپس ڪرايو وڃي وڏن وڏن سياسي مانگرمڇن ۾ هٿ وڌا وڃن انهن جون ملڪيتون ضبط ڪري ملڪي معيشت کي بهتر به ڪري سگهجي ٿو ۽ قرض به لهي سگهن ٿا غريب عوام کي ايترو مجبور نه ڪيو وڃي ڪٿي هو بکئي گدڙ واري مثال تحت اٿي کڙو نه ٿئي

پهنجو تبصرو موڪليو