هڪ عدالت پاران خان کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻئي عدالت پاران قيد رکڻ جا حڪم

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر )اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ اٽڪ جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جڏهن ته خاص عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت 30 آگسٽ تائين جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ قائم خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 30 آگسٽ تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ رکڻ جو تحريري حڪم اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي اماڻيو.اٽڪ جيل اختيارين کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار عمران خان نيازي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي آهي.جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين چيو ته جوابدار عمران احمد خان نيازي کي جيل ۾ رکيو وڃي ۽ سڀاڻي 30 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.سائفر ڪيس جو تعلق هڪ سفارتي دستاويز سان آهي جيڪو مبينا طور تي عمران خان جي قبضي مان غائب ٿي ويو.  پي ٽي آءِ الزام هنيو آهي ته ان خط ۾ عمران خان کي آمريڪا طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون ته هو کيس اقتدار تان هٽائي.  پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به ساڳئي ڪيس ۾ جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حراست ۾ آهي.بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن کي مختصر سزا چيو وڃي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ٻين مسئلن تي بحث ڪيو جيڪي ان وقت ضروري نه هئا ۽ خاص ڪري جڏهن سزا مختصر هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ٻنهي طرفن جا ڊگها دليل ڏنا ويا، فيصلي خلاف اپيل ۾ ڪجهه سوال رهجي ويا، جنهن تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته انهن ئي سببن تي درخواست جي اجازت ڏني وڃي ۽ 5 آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ طرفان ڏنل سزا معطل ڪئي وڃي.فيصلي ۾ چيو ويو ته سزا معطل ٿيڻ تي درخواستگذار کي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.جيڪا هن ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار (جوڊيشل) لاءِ اطمينان بخش آهي.عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي 5 آگسٽ واري فيصلي کي غير قانوني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي ۽ درخواست ڪئي هئي ته مرڪزي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪئي وڃي ۽ آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو