ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ريلي ۽ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي جي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم 29 نومبر تي شاهراهه فيصل تي ريلي ۽ باغ جناح ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا ٽي ڏينهن اڳ وصول ٿي هئي. ذريعن موجب ساڳئي ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي پڻ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ گذريل مهيني گهرو کاتي کي درخواست ڏني وئي هئي. گهرو کاتي امن امان جي صورتحال سبب ايم ڪيو ايم جي ريلي ۽ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو کاتي ايم ڪيو ايم کي ڪنهن ٻئي ڏينهن ريلي ۽ جلسو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته ريلي جو رستو تبديل ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو ويو آهي.










