افلاطون جو ڪميونزم وارو نظريو

طفيل مگسي
افلاطون جو ڪميونزم وارو نظريو اصل ۾ صرف سرپرست ۽ حڪمران طبقي تي لاڳو هو.جڏھن ته عام ماڻھو افلاطون جي مطابق خاندان به رکي سگهن ٿا.مڪيت به رکي دگهن ٿا ۽ جائيدا به رکي سگهن ٿا.مگر افلاطون جي مطابق حڪمران اهو سڀ ڪج نٿا رکي سگهن.جنهن کي فريڊم انقلاب سڏيو وڃي ٿو.
افلاطون جو ڪميونسٽن وارو تصور مڪمل طور تي فيثا غورث جهڙو هو ۽ انهن ٻنهيء جو تصور اصل ۾ امير طبقي تي بنياد رکي ٿو(جيڪو ڪارل مارڪس کان بلڪل مختلف تصور آھي)يعني ته ان طبقاتي نظام ۾ امير ۽ حڪمران طبقو ڪا ملڪيت يا جائيداد نٿو رکي سگهي ۽ حڪمران طبقي جي ٻارڙن کي رياست ان حڪمران کان الڳ انهن جي تربيت ڪندا.
جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ڪهڙي ريت سان قائم ٿيندو.اها هڪ قسم جي ( Intellecutual oligarchy )جي هئي يعني ته دانشور ۽ علمي ماڻھن جو ئي سماج ۾ اثر رسوخ هوندو ۽ اهو جيڪو دانشور طبقو آھيان کي ڪنهن ونگ جي وسيلي حڪمران طبقو نه بڻايو ويندو(مطلب جهموريت نه هوندي)بلڪ افلاطون جهموريت جو سخت مخالف هو ۽ انهيء لحاظ کان افلاطون اسپارٽا( sparta)کي بهتر سمجهندو هو ته جيڪي ماڻھو قابل .بهادر ۽ جستجو وارا آھن.انهن کي حڪمران طبقو ٿيڻ گهرجي.
افلاطون اهوئي سمجهندو هو ته جهموريت ئي ته سقاط جهڙي عظيم انسان کي هڪ عام بندي سان گڏ برابر ڪري سقراط جي مٿان ظلم ڪيا.افلاطون جي مطابق اسپارٽا جو ماڊل بهتر ماڊل هو يعني هڪ اهڙو ماڊل جنهن ۾ اهي ماڻھو حمران طبقا بڻيا ٿي جيڪي واقعي سماج جا سڀ کان تيز ۽ بهادر ماڻھو هوندا هئا.
اسپارٽا ۽ افلاطون رياستي تصور ۾ فرق صرف ايترو هو ته اسپارثا ۾ اهي سڀ ماڻھو مٿي اڇن ٿا جيڪي بهترين ويڙھ ۽ جنگ ڪرڻ وارا هوندا هئا.۽ افلاطوني رياستي تصڳر جي مطابق بهترين جنگجو ناهن بلڪ اهي جيڪي سڀني کان وڌيڪ عقلمند ۽ کان وڌيڪ جيڪي طبقن جو استعمال ڪرڻ ڄاڻين ٿا يعني ته افلاخون جي مطابق فلاسفرز کي حڪمران طبقو ٿيڻ گهرجي.
يوٽوپيا( utopia )
افلاطون جڏھن به ان ماڊل کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کي صرف ناڪامي نصيب ٿي .افلاطون جو اهو تصور اڃ تائين ڪڏھن به هڪ نظام جي طور تي ڪامياب نه ٿيو.
افلاطون جي رياست جو اهو مقصد هڪ قسم جو يوٽو پيا( utopia )۽ ڪڏھن ڪامياب نه ٿيا.
سسلي ۾ جڏھن افلاطون ٻه ڀيرا ان نظام کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي به اهو نه صرف مڪمل ناڪام ٿيو بلڪ افلاطون پنهنجي جان بچائي ڪري وڏي مشڪل سان اتان کان واپس موٽي آيو.
افلاطوني قانون( Plato’s laws ).
دي ري پبلڪ (the republic) اهڙو ڪتاب هو ته جنهن ۾ افلاطون بنا پرواه جي اهو سڀ ڪجه لکيو.جيڪو افلاطون سمجهندو هو ته نظام جيڪڏھن هئڻ کوي ته ائين ئي ٿيڻ گهرجي.ليڪن بار بار ناڪامي کانپوء افلاطون پنهنجي آخري وقت ۾ هڪ ڪتاب لکيو.افلاطوني قانون( palates laws ).
افلاطون جو اهو ڪتاب ائين سمجهيو ته هڪ( compromise )تي مشتمل هو ته چڱو جيڪڏھن دي ري وبڪڪ قائم نٿي سگهيو ته ان کان گهٽ بهتر ماڊل “آئيني رياست“( coistutional state )آھي.
يعني هڪ اهڙي رياست قائم هجي.جيڪا خاص قانونن تي مشتمل هجي ۽ جنهن جي اندر قانونن جي پاسداري هجي.
اسان افلاطون جي تصورن ۽ نظرين سان گڏ اختلاف ته ڪري سگهون ٿا مگر افلاطون کي ڪو به فلسفي نظر انداز نٿو ڪري سگهي.اٽڪل 2000هزار سالن تائين هر فلسفي اتان کان شروع ڪري ٿو.جتان افلاطون پنهنجي ڳاله ختم ڪئي هئي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو