افغان صوبي بغلان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 60 ڄڻا فوت

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي صوبي بغلان ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 60 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.برطانوي نشرياتي اداري موجب افغانستان جي بغلان صوبي ۾ ٻوڏ سبب سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.افغان گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ڦاٿل آهن، انهن جي مدد لاءِ هيلي ڪاپٽر به موڪليا ويا آهن پر اوندهه سبب ريسڪيو آپريشن ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف افغان نيشنل ڊزاسٽر رسپانس جي نمائندي جو چوڻ آهي ته بغلان صوبي جا 3 ضلعا تيز برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن.افغان حڪومت جو چوڻ آهي ته هو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو