ڪراچي، گاڏي جي ٽڪر  لڳڻ سبب  موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي، گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.حادثو جام صادق پل تي پيش آيو. حادثي کان پوءِ نامعلوم گاڏي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اطلاع تي پوليس به موقعي تي پهچي وئي. ريسڪيو ٽيم جي مدد سان فوت ٿيل جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سندس وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، ۽ فرار ٿيندڙ گاڏي جي ڊرائيور کي به جلد حراست ۾ ورتو ويندو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو