ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن لاءِ موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن لاءِ موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سياري جي خاتمي کان پوءِ هاڻي گرمين جي آمد شروع ٿي چڪي آهي.موسميات کاتي ايندڙ 3 ڏينهن تائين ڏينهن ۾ صاف آسمان ۽ روشن سج جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، ڇنڇر ۽ آچر جي صبح شهر ۾ هلڪي ڪوهيڙي جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو ته ايندڙ 3 ڏينهن دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو