ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد

ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيرين وائيٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني لارجر بينچ پي ٽي آءِ جي باني جي مبينا ڌيءَ ٽيريان جيڊ وائيٽ نامزدگي ڪاغذن ۾ لڪائڻ تي نااهلي واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا دليل ڏنا.نعيم پنجوٿا چيو ته ان معاملي تي اڳ ۾ ئي فيصلو ٿي چڪو آهي، فيصلو ويب سائيٽ تي به اپ لوڊ ڪيو ويو آهي، فيصلي کانپوءِ ويب سائيٽ تان هٽايو ويو، پريس رليز ذريعي بينچ جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وئي.جسٽس طارق جهانگيري نعيم پنجوٿا کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو؟ ڇا توهان هن ڪيس ۾ وڪيل آهيو؟ ان تي نعيم پنجوٺو چيو ته مان پراڪسي وڪيل آهيان، 6 ججن جي خط ۾ به ڪيس جو ذڪر آهي.عدالت چيو ته ٻن ججن جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ان تي راءِ ڏني، جنهن تي حامد علي شاهه چيو ته اها ٻن ججن جي راءِ هئي، چيف جسٽس جي فيصلي تي صحيح ناهي ڪئي وئي.جسٽس طارق جهانگيري چيو ته بينچ جي ٻن ميمبرن چيو ته درخواست نه ٻڌي وڃي، ان کي خارج ڪيو وڃي. چيف جسٽس عامر فاروق بينچ مان پاڻ کي الڳ ڪري ورتو.حامد علي شاهه چيو ته توهان هڪ تاريخ ڏيو ته مان مدد ڪري سگهان، جنهن تي جسٽس طارق چيو ته توهان ٻڌايو ته جيڪا درخواست رد ڪئي وئي آهي ان ۾ رليف ڪيئن ڏنو وڃي؟،درخواستگذار جي وڪيل حامد علي شاهه چيو ته مون کي مدد لاءِ ڪجهه وقت گهرجي، فيصلو ڏسي ئي عدالت جي مدد ڪري سگهان ٿو.جسٽس طارق جهانگيري چيو ته ٻن ججن پنهنجو فيصلو ڏنو هو، اهو فيصلو اڄ سيل بند لفافي ۾ سڀني جي سامهون کوليو ويو آهي.عدالت چيو ته بينچ پي ٽي آءِ جي باني جي نااهلي جي درخواست اڳ ئي خارج ڪري چڪي آهي ۽ اڪثريتي فيصلو اچي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو