ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافين کي روزاني عدالتي ڪارروائي جي رپورٽ ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت پيمرا جي 21 مئي جي نوٽيفڪيشن ۾ پابندي واري شقن کي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت صحافين کي روزاني رپورٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ ۾ عدالتي رپورٽرن کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ريمارڪس يا آبزرويشن نشر ڪرڻ سان عدليه بابت غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










