ايل پي جي ڀريل ٽرڪ ۽ مسافر ڪوچ ۾ ٽڪر، 7 ڄڻا سڙي ويا

ايل پي جي ڀريل ٽرڪ ۽ مسافر ڪوچ ۾ ٽڪر، 7 ڄڻا سڙي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچستان مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ڪُنڊ ملير نالِي اُترائي ويجهو هڪ ڪوچ ۽ ايل پي جي گيس ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿيو.حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري فوري طور تي موقعي تي پهچي وئي. مقامي ماڻهن جو وڏو انگ پڻ پهچي ويو. حادثي ۾ ست ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. حادثي سبب ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جا شعلا پري کان ڏسي سگهجن ٿا.بچاءُ ٽيمن لاشن کي سراب ڳوٺ ۾ ايڌي ڪولڊ اسٽوريج ڏانهن منتقل ڪيو. پوليس به حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو