ڪراچي: فائرنگ ۾ عورت قتل، ٻي عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ڪراچي: فائرنگ ۾ عورت قتل، ٻي عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن مختلف واقعن دوران هڪ عورت فائرنگ ۾ مارجي وئي، جڏهن ته ٻي عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو. پوليس موجب قصبو نيو ميانوالي ڪالوني ۾ سانول چوڪ ڀرسان هڪ گهر ۾ فائرنگ سبب عورت مارجي وئي، جنهن جي سڃاڻپ نسرين طور ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو جهيڙي دوران پيش آيو، مقتولا نسرين جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي واقعي ۾ اورنگي ٽائون جي ضياءَ ڪالوني ۾ الياس مسجد ڀرسان عورت جو لاش هٿ آيو. پوليس موجب مقتولا جي سڃاڻپ 26 ورهين جي ثنا طور ٿي آهي، جنهن کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو