شهدادڪوٽ (ڊ ر)پاڻي جي واري تان ڀائرن ۾ جهيڙو لٺيون لڳڻ ڪري ننڍي ڀاء هٿان وڏو ڀاء قتل گهر ۾ ڪهرام . شهدادڪوٽ ويجهو قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد دوست علي روڊ تي مير جي نري ڀرسان ڳوٺ پنهنجي علي گل مگسي ۾ پاڻي جي واري تان ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ننڍي ڀاء سڪندر علي مگسي پنهنجي وڏي ڀاء علي گل مگسي لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته مقتول جو پٽ صابر مگسي معمولي زخمي ٿي پيو. واقعي بعد اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس مقتول جو لاش تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ کڻائي آئي جتي ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند اسپتال پهچي واقعي جا تفصيل ورتا. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود فوتي جي پٽ صابر ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته زمين مان واهي گذري پئي جنهن مان پنهنجي زمين ۾ پاڻي لاهڻ تان چاچي سڪندر علي مگسي ۽ سندس پٽن بابا مٿان لٺين سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بابا فوت ٿي ويو هوڏانهن لاش ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو