پاڻي جي واري تان ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل

شهدادڪوٽ (ڊ ر)پاڻي جي واري تان ڀائرن ۾ جهيڙو لٺيون لڳڻ ڪري ننڍي ڀاء هٿان وڏو ڀاء قتل گهر ۾ ڪهرام . شهدادڪوٽ ويجهو قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد  دوست علي روڊ تي مير جي نري ڀرسان ڳوٺ پنهنجي علي گل مگسي ۾ پاڻي جي واري تان ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ننڍي ڀاء سڪندر علي مگسي پنهنجي وڏي ڀاء علي گل مگسي لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته مقتول جو پٽ صابر مگسي معمولي زخمي ٿي پيو. واقعي بعد اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس مقتول جو  لاش تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ  کڻائي آئي جتي ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند اسپتال پهچي واقعي جا تفصيل ورتا. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود فوتي جي پٽ صابر ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته زمين مان واهي گذري پئي جنهن مان پنهنجي زمين ۾ پاڻي لاهڻ تان چاچي سڪندر علي مگسي ۽ سندس پٽن بابا مٿان لٺين سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بابا فوت ٿي ويو هوڏانهن لاش ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو