سامونڊي ڪيبل ۾ فني مسئلو حل، ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال

سامونڊي ڪيبل ۾ فني مسئلو حل، ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) عالمي سامونڊي انٽرنيٽ ڪيبل ايس ايم ڊبليو 5 ۾ پيدا ٿيل فني خرابي ختم ٿيڻ ۽ ڪيبل مڪمل بحال ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پي ٽي اي اختيارين موجب ڪيبل مڪمل طور فعال ٿي وئي آهي، جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معمول تي اچي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرانس ورلڊ ايسوسيئيٽس ۽ عالمي ايس ايم ڊبليو 5 ڪنسورشيم وچ ۾ ترت رابطن سبب ڪيبل جي مرمت ممڪن ٿي. پي ٽي اي موجب فني ٽيمن خرابي دور ڪرڻ ۽ رابطن جي بحالي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو، جڏهن ته خرابي دوران متبادل عالمي لنڪس ذريعي ڊيٽا ٽريفڪ منتقل ڪري انٽرنيٽ سروس جو سلسلو برقرار رکيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو