جوهري هٿيار گهٽائڻ بابت ٽرمپ، پيوٽن ۽ شي جنپنگ جي ملاقات

جوهري هٿيار گهٽائڻ بابت ٽرمپ، پيوٽن ۽ شي جنپنگ جي ملاقات

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ چين جو صدر شي جن پنگ ايندڙ هفتي چين ۾ هڪ سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن.
آمريڪا، روس ۽ چين جي سربراهن وچ ۾ اها تاريخي ملاقات ان وقت ٿيندي، جڏهن ٽرمپ ڏکڻ چين جي شهر شينزين ۾ ٿيندڙ ايشيا پئسفڪ اقتصادي سهڪار (ايپيڪ) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وائيٽ هائوس جي ترجمان اوليويا ويلز صحافين کي اها ڳالهه ٻڌائي.
هن چيو ته ”صدر واضح ڪري چڪو آهي ته ٻين موضوعن سان گڏ هو دنيا ۾ جوهري هٿيارن جي گهٽتائي بابت به ڳالهائيندو، ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ جو خيال آهي ته انهن هٿيارن جي پکيڙ انتهائي خطرناڪ آهي.“
سمجهيو پيو وڃي ته دنيا جي ٽن وڏين جوهري طاقتن جي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ايران جو معاملو به بحث هيٺ اچي سگهي ٿو، پر يوڪرين جو معاملو شامل نه هوندو. ماسڪو ۽ بيجنگ اڃا تائين ان ملاقات بابت ڪو تبصرو نه ڪيو آهي.
خبرن جي ادارن ايسوسيئيئيٽڊ پريس (اي پي) ۽ رائٽرز موجب، آمريڪا جي هڪ سينيئر عهديدار، جنهن جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو، چيو آهي ته ڳالهين کان پوءِ ڪنهن معاهدي جي اميد نه آهي.
ٽرمپ اربع ڏينهن رات دير سان شينزين پهچندو، جتي 21 ميمبر ملڪن جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هو خميس ڏينهن شي جن پنگ سان ٻه طرفي ڳالهين ۾ پڻ حصو وٺندو. 2025ع ۾ ٻيهر آمريڪي صدر جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي اها چوٿين ملاقات هوندي.
اوليويا ويلز چيو ته ”صدر ٽرمپ چين جو دورو آمريڪا جي صدر، عوامي جمهوريه چين جي صدر ۽ روسي وفاق جي صدر وچ ۾ ٽن طرفي ملاقات سان مڪمل ڪندو.“
هن چيو ته ٽرمپ جو هي دورو، جنهن ۾ اڱاري ڏينهن فلپائن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم (آسيان) جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ شامل آهي، ”آمريڪي عوام لاءِ تاريخي ڪاميابيون حاصل ڪندو ۽ انڊو پئسفڪ خطي ۾ آمريڪا جي مفادن کي اڳتي وڌائيندو.“
آمريڪا ۽ روس وچ ۾ جوهري هٿيارن تي ضابطي وارو معاهدو فيبروري ۾ ختم ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ دنيا جا سڀ کان وڏا جوهري هٿيارن جا ذخيرا ڪنهن وڏي ضابطي يا پابنديءَ کان سواءِ رهجي ويا آهن. ان سان هٿيارن تي ضابطي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهو سهڪار به عملي طور ختم ٿي ويو، جنهن سرد جنگ جي خاتمي ۾ مدد ڪئي هئي.
گڏيل قومن (يو اين) ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته بنا دير نئين ضابطي واري نظام تي اتفاق ڪن. تنهن هوندي به ٽرمپ چيو هو ته هو ان معاهدي جي جاءِ تي هڪ بهتر معاهدو آڻي سگهي ٿو، جنهن ۾ چين کي به شامل ڪيو وڃي، جيڪو پنهنجي جوهري هٿيارن جي ذخيري ۾ واڌ ڪري رهيو آهي.
آمريڪا جي اڳوڻن سينيئر عهديدارن ۽ تجزيه نگارن ان وقت بي بي سي کي ٻڌايو هو ته بيجنگ ۽ ماسڪو جو سهڪار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڏيون رڪاوٽون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان عمل ۾ ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا.
هن سال جي شروعات ۾ شي جن پنگ ڪجهه ڏينهن جي وقفي سان بيجنگ ۾ پيوٽن ۽ ٽرمپ ٻنهي جي الڳ الڳ ميزباني ڪئي هئي، جڏهن ته آمريڪي صدر سيپٽمبر ۾ پنهنجي چيني هم منصب جي واشنگٽن ۾ آجيان ڪئي هئي.
2022ع ۾ يوڪرين تي مڪمل پيماني تي حملو شروع ڪرڻ کان پوءِ چين، ماسڪو لاءِ هڪ اهم واپاري ڀائيوار بڻجي ويو آهي. ان جنگ روس کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان تي اولهه جي ملڪن جون پابنديون لاڳو ٿي ويون آهن.
پر روس کان ڊيزل درآمد ڪرڻ بابت آمريڪا جو هڪ تڪراري معاهدو ۽ ماسڪو جي تيل ۽ گئس جا سڀ کان وڏا خريدار، جن ۾ چين به شامل آهي، انهن تي لاڳو پابندين جي معطلي سبب گذريل مهيني يورپي ملڪن ۾ اها ڳڻتي وڌي وئي ته ٽرمپ انتظاميا روسي صدر پيوٽن جي حڪومت بابت پنهنجو سخت رويو نرم ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف، ٽرمپ ۽ شي جن پنگ هن سال بيجنگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاسن دوران پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ خوشگوار ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهن هوندي به واپار، مصنوعي ذهانت (AI) ۾ بالادستيءَ جي مقابلي ۽ تائيوان جهڙن اهم معاملن تي ڪا خاص اڳڀرائي ٿيندي نظر نه آئي آهي.
ايران ۾ جاري جنگ به ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف جو هڪ اهم سبب بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته چين تهران جي تيل جو سڀ کان وڏو خريدار ۽ ان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي.
چين جي سرڪاري ميڊيا جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي هڪ ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو ته شي جن پنگ ايپيڪ سربراهي اجلاس جي موقعي تي ”ٻه طرفين“ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو، پر ٽنهي اڳواڻن جي گڏيل ملاقات بابت ڪا خبر نه ڏني وئي.
هن مهيني جي شروعات ۾ ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف روسي سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو هو ته سربراهي اجلاس جي موقعي تي اهڙين ڳالهين لاءِ ”تياريءَ جي تصديق ڪندڙ اشارا“ مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو