آمريڪا ۾ هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول پاران اڏامون بحال افرا تفري برقرار

آمريڪا ۾ هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول پاران اڏامون بحال افرا تفري برقرار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي فيڊرل ايويئيشن ايڊمنسٽريشن (FAA) جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اڏامون روڪڻ جو حڪم ختم ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ آمريڪي هوائي اڏن تي پيدا ٿيل افراتفري ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي. هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول مرڪزن ۾ رابطن جي نظام ۾ خرابي سبب اها صورتحال پيدا ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملن کان پوءِ آمريڪا ۾ اڏامن جي سڀ کان ڊگهي بندش لاڳو ٿي هئي.
آمريڪي ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري شان ڊفي چيو ته آمريڪا جي فضائي حدون مشرقي وقت موجب رات 8 لڳي 15 منٽن تي (گرينچ معياري وقت موجب ڇنڇر ڏينهن رات 1 لڳي 15 منٽن تي) ٻيهر کوليون ويون، پر هن خبردار ڪيو ته اڏامن جي روانگي آهستي آهستي بحال ٿيندي ۽ ايئرلائنز کي معمول جون ڪارروايون ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ وقت لڳندو.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊفي چيو ته ”اهو عمل سست رفتاريءَ سان اڳتي وڌندو.“
فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽ فلائيٽ ريڊار 24 موجب، رات 11 لڳي 30 منٽن تائين لڳ ڀڳ 10 هزار اڏامون رد ڪيون ويون هيون، جن ۾ ڊيلٽا ايئرلائنز ۽ آمريڪن ايئرلائنز جون هر هڪ جون 2,200 کان وڌيڪ، جڏهن ته يونائيٽيڊ ايئرلائنز جون 1,800 اڏامون شامل هيون. جهازن جي نگراني ڪندڙ ان ويب سائيٽ ٻڌايو ته وڏن هوائي اڏن تي ڪجهه جهازن کي گيٽ ملڻ لاءِ پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ انتظار ڪرڻو پيو.
هوابازيءَ جي تجزيه نگارن چيو ته سڄي ملڪ ۾ چئن ڪلاڪن تائين اڏامون روڪڻ سبب ايئرلائنز جو شيڊيول ڪيترن ئي ڏينهن تائين متاثر ٿي سگهي ٿو.
ڊفي چيو ته ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تي هزارين نه، پر ڏهاڪن هزارن جي تعداد ۾ مسافر ڦاسي پيا هئا. هن ٻڌايو ته هن ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري مارڪ وين مولن، صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اوول آفيس ۾ ملاقات ڪري نظام ۾ پيدا ٿيل خرابيءَ بابت ڳالهايو هو.
هي خرابي آمريڪا جي هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول نظام تي وڌندڙ دٻاءَ جي تازي ۽ سڀ کان سنگين نشاني آهي. اهو نظام اڳ ئي پراڻي ٽيڪنالاجي، اوزارن ۽ رابطن جي مسئلن سان گڏوگڏ ڪيترن هزار ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ڊفي ٻڌايو ته مسئلو منجهند 3 لڳي 36 منٽن تي شروع ٿيو، جڏهن هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول مرڪزن جي ريڊار ۽ رابطن جي نظام ۾ غير استحڪام پيدا ٿيو.
ڊفي چيو ته ”اسان جا سوئچز ۽ رائوٽرز اصل ۾ ڊيٽا جي وڏي مقدار سبب اوور لوڊ ٿي ويا ۽ انهن رائوٽرز مان ڊيٽا ۾ تضاد اچڻ شروع ٿي ويا. ان ڪري اسان نظام کي بند ڪري ڇڏيو.“
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به مرحلي تي ريڊار يا رابطن جو نظام مڪمل طور بند نه ٿيو هو ۽ اهي هزارين جهازن کي محفوظ طريقي سان لينڊ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ڊفي چيو ته فوري طور تي پيدا ٿيل مسئلو حل ڪيو ويو آهي ۽ هوائي سفر محفوظ آهي، پر اهڙين خرابين کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پراڻي هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول نظام جي وسيع پيماني تي نئين سر جوڙجڪ ضروري آهي.
هوابازيءَ جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ 50 ارب ڊالرن جو منصوبو
ڊفي ان خرابيءَ جو ذميوار ڪانگريس کي قرار ڏنو، جنهن سندس چوڻ موجب نئين نظام لاءِ فنڊ فراهم نه ڪيا آهن، جڏهن ته اهڙو نظام مستقبل ۾ هن قسم جي بندش کي روڪي سگهي ٿو. هن نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ 50 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
جمعي ڏينهن ئي، نظام ۾ خرابي پيدا ٿيڻ کان اڳ، وائيٽ هائوس ۽ ٽرانسپورٽ واري کاتي ڪانگريس تي زور ڀريو هو ته ملڪ جي پراڻن هوائي اڏن ۽ هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ 30.1 ارب ڊالرن جي منظوري ڏني وڃي.
ڊفي چيو ته ”اسان وٽ هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول جو انتهائي پراڻو نظام موجود آهي. اسان کي ان جي مرمت ۽ بهتريءَ لاءِ رقم ڏيو.“
هوم لينڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري مولن چيو ته هينئر تائين اهڙو ڪو به ثبوت نه مليو آهي ته نظام ۾ پيدا ٿيل خرابي ڪنهن سائبر حملي يا ڪنهن بي قابو مصنوعي ذهانت (AI) واري نظام جو نتيجو هئي، جيتوڻيڪ جاچ ڪندڙن انهن ٻنهي امڪانن کي رد نه ڪيو هو.
مولن چيو ته ”في الحال ائين لڳي ٿو ته هي خرابي مشيني سببن جي ڪري پيدا ٿي. تنهن هوندي به اسان اڃا جاچ ڪري رهيا آهيون.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي (NSA) به جاچ ۾ هوم لينڊ سيڪيورٽي واري کاتي سان سهڪار ڪري رهي هئي.
ٻن ايئرلائنز جي عملدارن موجب، لڳي ٿو ته هي خرابي ايل ٿري هيرس ٽيڪنالاجيز جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ هڪ ٽيلي ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ کي متاثر ڪري رهي هئي. اهو نيٽ ورڪ اهم ريڊيو فريڪوئنسيز کي سنڀاليندو آهي، جيڪي هوائي ٽريفڪ ڪنٽرولر پائلٽن سان رابطي لاءِ استعمال ڪندا آهن. ايل ٿري هيرس تبصري جي درخواست جو جواب نه ڏنو.
مسافرن جون مشڪلاتون اڃا ختم نه ٿيون
جيتوڻيڪ اڏامون روڪڻ جو حڪم ختم ڪيو ويو، پر مسافرن جون مشڪلاتون اڃا ختم نه ٿيون هيون. بوسٽن کان سيئٽل ۽ نيويارڪ کان لاس اينجلس تائين هوائي اڏن جي روانگي وارن هالن ۽ ايئرلائنز جي ڪائونٽرن تي مسافرن جا هجوم لڳل هئا، ڇاڪاڻ ته دير ۽ اڏامون رد ٿيڻ جو سلسلو جاري هو ۽ ڪيترائي جهاز اڃا تائين گيٽن تي بيٺل هئا.
هزارين مسافرن کي رات هوائي اڏن تي ئي گذارڻي پئجي سگهي ٿي. پينسلوانيا جي علائقي ويسٽ چيسٽر سان تعلق رکندڙ 50 ورهين جي ايڊورڊ ڪارگبو جي رات 9 وڳي ايٿوپين ايئرلائنز جي اڏام ذريعي ٽوگو جي شهر لوميه وڃڻ جي ٽڪيٽ هئي. پر ان بدران هن ڇنڇر ڏينهن صبح 6 وڳي نئين مقرر ڪيل اڏام تائين هوائي اڏي تي ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته ”مون کي سڄي رات هتي ئي گذارڻي پوندي. مان ڦاسي پيو آهيان.“
47 ورهين جي لوئز مئهر به نيويارڪ جي نيوارڪ هوائي اڏي تي ان صورتحال ۾ ڦاسي پئي، جتي هوابازيءَ جي نظام ۾ پيدا ٿيل وڏي خرابي سبب سندس برٽش ايئرويز جي لنڊن ويندڙ اڏام متاثر ٿي هئي.
هن چيو ته ”ٿي سگهي ٿو ته مان ڪنهن مهل روئي پوان، پر اڃا نه.“
آمريڪي ايئرلائنز کي ڦاٿل مسافرن کي معاوضو ڏيڻ جو پابند نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اڏامون متاثر ٿيڻ جو ذميوار هوائي اڏن جو نظام (FAA) هو، نه ڪي ايئرلائنز.
11 سيپٽمبر جي حملن کان پوءِ آمريڪا ۾ سڄي ملڪ جون اڏامون روڪڻ جو ٻيو واقعو جنوري 2023ع ۾ پيش آيو هو، جڏهن ايف اي اي گهريلو اڏامن جي روانگي لڳ ڀڳ 90 منٽن لاءِ روڪي ڇڏي هئي.
سيڙپڪار اڳ ئي ايئرلائنز کي ٿيندڙ مالي نقصان جو اندازو لڳائي رهيا هئا. آمريڪن ايئرلائنز، يونائيٽيڊ ايئرلائنز ۽ ڊيلٽا ايئرلائنز جا شيئرز ڪاروباري وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندڙ واپار دوران هڪ کان ٻه سيڪڙو تائين ڪري پيا، جڏهن ته جيٽ بليو ايئرويز جا شيئرز لڳ ڀڳ ٽي سيڪڙو گهٽجي ويا.
آمريڪن ايئرلائنز چيو ته اها بين الاقوامي منزلن ۽ پنهنجن وڏن مرڪزن کان ٻاهر واقع ننڍن شهرن ڏانهن ويندڙ اڏامن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ته جيئن جهازن ۽ عملي کي اهڙي نموني ترتيب ڏئي سگهجي، جو اڏامن جو نظام جلد معمول تي اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو