واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پارٽي ريپبلڪن ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي چونڊ هارائي وئي آهي ۽ ڊيموڪريٽس حيران ڪن طور ٻنهي ايوانن ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
جيتوڻيڪ اڃا سرڪاري طور مڪمل نتيجن جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر رائٽرز، سي اين اين ۽ بي بي سي پنهنجي رپورٽن ۾ ٽرمپ جي ٻنهي ايوانن جي چونڊ هارائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ صدر ٽرمپ شڪست تسليم ڪري ورتي آهي.
آمريڪا جي 50 رياستن ۾ 21 ڪروڙ کان مٿي رجسٽرڊ ووٽر آهن. جن مان 5 ڪروڙ 80 لک کان مٿي ووٽر پولنگ واري ڏينهن 3 نومبر کان اڳ ۾ ئي ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا هئا.
هن چونڊ نتيجن بعد صدر بدستور ڊونلڊ ٽرمپ 2029 تائين برقرار رهندو پر هو پنهنجي ڪنهن به سياسي پاليسي بابت قانون سازي نه ڪري سگهندو.
ڊيموڪريٽس کي توقعات کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن ۽ تاريخي طور ريپبلڪن پارٽي جا مضبوط سياسي ڳڙهه جن ۾ ٽيڪساس، ڪنساس ۽ اوهيو به شامل آهن، اتان ٽرمپ جي پارٽي هارائي وئي آهي.
ٽيڪساس ۽ ٻين تڪن تي ريپبلڪن پارٽي کي کٽائڻ لاءِ ايلون مسڪ اڌ ارب ڊالر خرچ ڪيا، جيڪي بظاهر لڙهي ويس.
سي اين اين جي رپورٽ موجب حڪيم جيفريز ايوان نمائندگان جو نئون اسپيڪر بڻٻو، جيڪو پهريون ڪاري نسل جو ماڻهو ان اهم عهدي تي ايندو.
ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي تاريخ جي پراڻي ۾ پراڻي جماعت ريپبلڪن جي ڪيمپن ۾ سوڳ آهي جڏهن ته ڊيموڪريٽس جي صفن ۾ خوشيون ملهايون پيون وڃن.
تاريخ جي مهانگي مڊٽرم چونڊ مهم
مڊ ٽرم ڍونڊ ڃا آهي، آسان سمجهاڻي










