ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جنهن پٿر جي مدد سان هڪ خانگي بينڪ جي اي ٽي ايم مشين کي ٽوڙيو.ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر عمران جي مطابق، هڪ جوابدار ڪراچي جي گلبهار علائقي ۾ هڪ خانگي بينڪ جي اي ٽي ايم مشين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.ايس ايس پي چيو ته جوابدار پٿر جي مدد سان اي ٽي ايم مشين کي نقصان پهچائي ڪيش ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ بينڪ عملي جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي سينٽرل چيو ته جوابدار جو اڳوڻو رڪارڊ آهي ۽ هو موٽرسائيڪل لفٽنگ ۾ پڻ ملوث رهيو آهي.










