حضرت علي جي انصاف، جرئت ۽ انسانيت جي اعليٰ مثال آهن: شاهه

حضرت علي جي انصاف، جرئت ۽ انسانيت جي اعليٰ مثال آهن: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته حضرت علي عليه السلام جي تعليمات انصاف، جرئت ۽ انسانيت جي اعليٰ مثال آهن.حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏينهن تي پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو آهي ته يومِ علي عليه السلام اسان کي ياد ڏياري ٿو ته حق ۽ صداقت جي رستي تي ثابت قدم رهڻ ئي اصل ڪاميابي آهي، تنهن ڪري اڄ اسان کي پنهنجي عملي زندگي ۾ حضرت علي عليه السلام جي تعليمات کي اپنائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته امام علي عليه السلام جي شهادت اسلام جي تاريخ جو هڪ عظيم ۽ ڏکوئيندڙ باب آهي.سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ يومِ علي عليه السلام جي جلوسن ۽ اجتماعن لاءِ سخت سيڪيورٽي پلان لاڳو ڪيو ويو آهي.هن اهو به چيو ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگ جهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي کي وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو