اوٻاڙو (ن س) سونن شاخ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ هڪ مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا.ايس ايڇ او اوٻاڙو رفيق احمد سومرو موجب، ڌاڙيلن پوليس پارٽي کي ڏسي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ علي حسن مزاري جي نالي سان ٿي.هن چيو ته گرفتار جوابدار جا ٻيا ساٿي اوندهه جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ چوري ٿيل ڪار هٿ ڪئي وئي آهي.رفيق احمد سومرو وڌيڪ چيو ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. زخمي جوابدار کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار ڌاڙيل خلاف گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ سنگين ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










