اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري آپريشن “غدب الحق” لاءِ پاڪستاني فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته افغان طالبان هندستاني پراڪسي بڻجي علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ بند ڪن.افغان طالبان جي بي سبب حملي جي جواب ۾ پاڪستاني فوج جي ڪاررواين تي رد عمل ظاهر ڪندي، بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستاني فوج هڪ ڀيرو ٻيهر افغان طالبان جي بي سبب حملي جي جواب ۾ اثرائتي ڪارروائي ڪري علائقي ۾ پنهنجي دفاعي صلاحيت ۽ طاقت جو ثبوت ڏنو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغان حڪومت کي هندستاني پراڪسي بڻجي سڄي علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، ڪابل حڪومت جي غلط حڪمت عملي پاڪستان کي جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون اوڀر کان اولهه سرحدن تائين ملڪ جي هر انچ جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهن.چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته پاڪستان تڪرار نٿو چاهي، پر جيڪڏهن چئلينج ڪيو وڃي ته اهو دشمن کي مناسب جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿو.










