ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ماحول کي انساني صحت لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو ويو.ورلڊ انوائرمينٽ ايجنسي جي ويب سائيٽ موجب، ڪجهه وقت اڳ ڪراچي جو هوائي معيار جو انڊيڪس 225 رڪارڊ ڪيو ويو هو.حڪومتي ڪوششن جي باوجود، پنجاب ۾ هوائي آلودگي گهٽ نه ٿي آهي. لاهور پڻ آلوده شهرن جي فهرست ۾ پنجين نمبر تي آهي، جتي هوا ۾ ذرڙن جي مقدار 198 آهي.










