27هين ترميم ۾ صوبائي خودمختاري کي ڇيڙيو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا

27هين ترميم ۾ صوبائي خودمختاري کي ڇيڙيو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته 27هين ترميم ۾ صوبائي مختاري کي نه ڇيڙيو وڃي، صوبن پنهنجا قانون ٺاهي رکيا آهن انهي ۾ عمل دخل ڏيڻ جي ضرورت ناهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪنداسين، اڃان تائين اسان کي خبر ناهي ته انهي 27هين آئيني ترميم جو ڪهڙو ڊرافٽ آهي، 26هين آئيني ترميم ۾ به جيڪو ڊرافٽ اسان سان شيئر ڪيو ويو اهو پيش ناهي ڪيو ويو مون انهي جو مولانا فضل الرحمان کي به ٻڌايو هو. هن چيو ته پنجاب حڪومت وٽ اربين روپين جو بجيٽ آهي، ميڊيا ڪيمرا کڻي ٻاهر نڪري ڏسي ڪوبه ماڻهو انهن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه هوندو.هن چيو ته انهي پارليامينٽ وٽ استحقاق ناهي ته اها آئين ۾ ڪابه تبديلي ڪري سگهي، اسان وٽ 91 سيٽون هيون، پهريان 3 سيٽون کڻي اچو پوءِ اٺ کڻي وڃو. انهي کان پوءِ اسان جون مخصوص سيٽون به کڻي اچن. اوهان تيستائين آئين ۾ ترميم نٿا ڪري سگهو، جيستائين اوهان وٽ اصل ٻه تهائي اڪثريت نه هجي.هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ اڄ تائين ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي، اسان سمجهون ٿا ته انهي ترميم مان وفاق ۽ صوبا سڀ متاثر ٿيندا.بيرسٽر گوهر چيو ته عمران خان کي قيد ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ ٿي ويا، پنج ڏينهن جي اندر اندر انهن کي 3 سزائون ڏنيون ويون، اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ماڻهو انهن کي وساري ڇڏيندا پر ائين نه ٿي سگهيو، عمران خان کي ضمانت ملي وئي ته انهن کي سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. هاڻ توشه خانه ۽ عدت وارو ڪيس آهي، جيڪڏهن عدالتون انصاف سان فيصلو ڪن ته عمران خان آزاد ٿيندو، عمران خان جي آزادي جڏهن به ٿي قانون جي تحت ٿيندي ڪنهن ڊيل جي تحت نه ٿيندي، جيڪو ڪجهه به ٿيندو عدليه جي ذريعي ٿيندو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مان اڄ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪرڻ ويندس، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جون 2 پٽيشون اڃان تائين التوا ۾ آهن. اڄ اسان کي درخواست جمع ڪرائڻي هئي ته انهن پٽيشنز کي ٻڌي وٺو ڇو ته بلدياتي چونڊون به اچي رهيون آهن.هن چيو ته شاهه محمود قريشي پارٽي ۽ جمهوريت جي لاءِ قيدوبند جون تڪليفون برداشت ڪيون، اسان تحريڪ هلائي رهيا آهيون ۽ اسان جون تحريڪون پهريان به هلي رهيون هيون، اڃان تائين عمران خان طرفان نومبر ۾ ڪنهن احتجاج جو سڏ نه ڏنو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جيڪا ڪوشش ڪري رهيا آهيون اها عمران خان جي آزادي لاءِ آهي انهي مان عمران خان مطمئن آهي. عمران خان پارٽي مان مطمئن آهي، اسان جي ڪا گوريلا فورس ناهي نه ئي اسان ڪنهن پرڏيهي طاقت جي انتظار ۾ آهيون ته اهي اچي عمران خان کي آزاد ڪرائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو