غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فورسز اولهه ڪناري جي شهر رام الله تي حملو ڪيو.عرب ميڊيا موجب فلسطيني سياستدان خالده جرار کي اسرائيلي فورسز جي ڪارروائي ۾ گرفتار ڪيو ويو.اسرائيلي فوج غزه ۾ پنهنجي وڌيڪ ٻن فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج چيو آهي ته غزه ۾ جهڙپ دوران وڌيڪ 2 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا ٻڌايو آهي ته غزه ۾ زميني ڪارروائي دوران مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ 160 ٿي ويو آهي.عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل رفح شهر جي مرڪز ۾ هڪ رهائشي گهر تي حملو ڪيو آهي.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، زخمين جا اطلاع پڻ مليا آهن.عرب ميڊيا اهو به ٻڌايو آهي ته اسرائيلي فورسز رفح ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي به حملو ڪيو آهي.عرب ميڊيا جو اهو به چوڻ آهي ته غزه جي مختلف علائقن خان يونس ۽ ديرالبلاح تي اسرائيلي بمباري سڄي رات جاري رهي.










