بينظير حڪومت ڪيرائيندڙ فوجي آفيسرن  جي سزا برقرار

بينظير حڪومت ڪيرائيندڙ فوجي آفيسرن جي سزا برقرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جي سزا برقرار رکي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث آفيسرن کي سزا ملڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سپريم ڪورٽ جي جج منيب اختر 15 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.عدالت ڪرنل (ر) آزاد منهاس ۽ ڪرنل (ر) عنايت الله جي سزا خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون.واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان درخواستون رد ٿيڻ بعد درخواستگذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي 2 سال، عنايت الله کي 4 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن تي 1995ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو