ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نيب 6 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ شرجيل ميمڻ جي درخواست تي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف 6 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.پنهنجي جواب ۾ نيب چيو آهي ته جوابدارن خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جو ريفرنس داخل ڪيو ويو، ان جا ثبوت آهن ته جوابدارن 2013 کان 2015 دوران اختيارن جو غلط استعمال ڪيو.نيب جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جي پنهنجي ۽ بي نامي ماڻهن جي نالي تي ٺاهيل غير قانوني اثاثن جي لسٽ به پيش ڪئي پئي وڃي، ريفرنس ۾ ڪنهن به ذاتي مفاد جو ذڪر ناهي.جواب ۾ چيو ويو آهي ته شرجيل ميمڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ريفرنس به داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار اختيارن جي ناجائز استعمال ۾ مڪمل طور ملوث آهن.نيب استدعا ڪئي ته شرجيل ميمڻ جي درخواست قابل سماعت نه آهي، شرجيل ميمڻ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي ڪيترو ذاتي فائدو حاصل ٿيو اهو انفرادي طور ٻڌايو وڃي.عدالت جاچ آفيسر جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته جاچ آفيسر ڪٿي آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر لاهور ويو هو، ان ڪري پيش نه ٿي سگهيو.عدالت رمارڪس ڏنا ته ڇا لاهور لنڊن ۾ آهي ته جاچ آفيسر پيش نٿو ٿي سگهي، جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي.عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت شرجيل ميمڻ جي وڪيلن کي نيب جي جواب جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي.










