راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)9 مئي جي ڪيسن ۾ شيخ رشيد ۽ شيخ رشيد شفيق جي ضمانت ۾ 25 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي شيخ رشيد ۽ شيخ رشيد شفيق راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهچي ويا. ان کان اڳ شيخ رشيد جي 9 مئي جي ڪيسن ۾ 18 نومبر تائين ضمانت منظور ڪئي وئي هئي.










