اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ۽ اسيمبلي جي سزا يافته نااهل ميمبرن جي جاءِ تي ضمني چونڊون ڪرايون وينديون.هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ٻٽي پاليسي ۽ ڪوڙ ظاهر ٿي رهيا آهن.رانا تنوير حسين چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اڪثريت ۾ تبديلي چونڊيل ميمبرن جو حق آهي.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت آفت متاثر علائقن جي اڳ وانگر مدد ڪندي.










