ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل نوجوانن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران 9 مهينن کان لاپتا نوجوان بازياب نه ڪرڻ تي پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي صدارت هيٺ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران گم ٿيل نوجوان جي ماءُ شاهه عنايت عدالت کي درخواست ڪئي ته منهنجي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي، پوليس ڪجهه به نه ڪري رهي آهي، پٽ کانسواءِ منهنجو جگر ڦاٽي پيو آهي.گم ٿيل نوجوان جي ماءُ چيو ته منهنجو پٽ شاهه عنايت سي اي جو شاگرد آهي ۽ 9 مهينن کان گم آهي، کيس بازياب ڪرايو وڃي.گم ٿيل نوجوان جي ماءُ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته الله جي عدالت ۾ وينداسين.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته پوليس کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي رهيا آهيون.عدالت پوليس اختيارين کي گم ٿيل نوجوان جي بازيابي جو حڪم ڏيندي 30 آڪٽوبر تائين پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي.










