9 مهينن دوران بجيٽ خسارو 3902 ارب رپيا ٿي ويو، فسڪل رپورٽ جاري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي واري وزارت پنهنجي فسڪل آپريشن رپورٽ ۾ موجودا مالي سال 2023-24 ۾ جولاءِ کان مارچ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.فسڪل آپريشن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جولاءِ کان مارچ تائين بجيٽ خسارو 3 ڏهائي 7 سيڪڙو رهيو جيڪو نوَ مهينن دوران 3902 ارب رُپيا ٿي ويو.رپورٽ موجب، جولاءِ کان مارچ 2024ع تائين ڪُل آمدني 9780 ارب رپيا رهي جڏهن ته ڪُل خرچ 13 هزار 682 ارب رپيا رهيا ۽ جولاءِ کان مارچ تائين ٽئڪس آمدني 7262 ارب رپيا رهي.رپورٽ موجب، ان دوران وفاق طرفان 6711 ارب ۽ صوبن پاران 550 ارب رپين جا ٽئڪس جمع ڪرايا ويا، 9 مهينن دوران نان ٽئڪس آمدني 2517 ارب رپيا رهي جڏهن ته جاري خرچن جي مد ۾ 12 هزار 333 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته قرضن تي وياج جي ادائيگي جي مد ۾ 5517 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن 9 مهينن دوران دفاع تي 1222 ارب رپيا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو