اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ۾ جج طاهر عباس سپرا 9 مئي تي لاڳاپيل چيئرمين پي ٽي آءِ جي 6 ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي حتمي دليلن لاءِ 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل عمير نيازي ۽ خالد يوسف چوڌري سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.
