9 مئي ڪيس،اسد عمر سميت خان جي ڀينرن جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي سانحي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن جي ضمانت ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.اي ٽي سي جي جج ارشد جاويد پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن ۽ اسد عمر سميت ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن جي ضمانت ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.اڄ ٻڌڻي دوران پوليس رڪارڊ عدالت ۾ پيش نه ڪيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي حتمي دليل لاءِ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو