9 مئي واقعا: خان جي بريت واري درخواست تي دليلن طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ باني جي بريت واري درخواست تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.پي ٽي آءِ جي باني خلاف 9 مئي سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پي ٽي آءِ باني جو وڪيل نعيم پنجوٿا جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواست داخل ڪئي.جڊيشل مئجسٽريٽ صاحب بلال کان پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪيس جو چالان جمع ٿي ويو آهي، مٿس ڪيترا ڪيس باقي آهن؟ وڪيل نعيم پنجوٺا جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ باني جي توشھ خانھ ڪيس ۾ سزا معطل ڪئي وئي آهي، عدت نڪاح ۽ سائفر ڪيس ۾ سزائون باقي آهن، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻي آهي،عدالت پي ٽي آءِ باني جي بريت واري درخواست تي 15 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي دليل طلب ڪري ورتا.

پهنجو تبصرو موڪليو