9 مئي سانحو، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي به گرفتار ڪيو ويو.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو پر جيل اختيارين کيس پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سندس پيشي کي وڊيو لنڪ ذريعي يقيني بڻايو ويو.ٻڌڻي دوران ايس ايڇ او آر اي بازار عمران خان جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.عدالت چيو ته 9 مئي سان لاڳاپيل سمورن ڪيسن جي جاچ اڊيالا جيل ۾ ٿيندي جنهن ۾ عمران خان جو نالو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو