8 ڪيسن ۾ قريشي جو 9 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو 8 ڪيسن ۾ 9 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عدالت حڪم ڏنو ته شاهه محمود قريشي بابت جاچ رپورٽ 5 جون تي پيش ڪئي وڃي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي کان وڊيو لنڪ ذريعي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر موجب جوابدار سوشل ميڊيا تي وڊيوز ۽ ميسيجز جاري ڪيا، جوابدار پاران سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيل سمورو مواد فرانزڪ ليب ۾ موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو