9 مئي تي 12 ڪيسن ۾ عمران خان جو جوڊيشل رمانڊ منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز 9 مئي تي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف 12 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان طرفان وڪيل ملڪ فيصل ۽ شهباز کوسا پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران پوليس عمران خان جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.عدالت 9 مئي تي عمران خان کي 12 ڪيسن ۾ 14 ڏينهن جو جوڊيشل رمانڊ ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو