8 ماڙ رهائشي عمارت  ۾ باهه تي ضابطو، ڪولنگ جاري

8 ماڙ رهائشي عمارت ۾ باهه تي ضابطو، ڪولنگ جاري

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) بلوچ ڪالوني پل جي ويجهو هڪ 8 منزله رهائشي عمارت جي بيسمنٽ ۾ باهه لڳي وئي، جتي هاڻي ڪولنگ عمل جاري آهي.واقعي جي اطلاع ملندي ئي 5 فائر برگيڊ گاڏيون ۽ 2 اسنارڪل موقعي تي پهچي ويون. فائر برگيڊ عملدارن موجب عمارت ۾ دونھين ڀرجڻ سبب ڪيترائي رهواسي بي هوش ٿي ويا. رهواسين کي اسنارڪل جي مدد سان عمارت مان ڪڍيو ويو.ريسڪيو عملدارن موجب، 8 منزله عمارت جي بيسمنٽ ۾ باهه تي هاڻي مڪمل طور تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته، بچاءُ جون ڪارروايون اڃا تائين جاري آهن. عمارت جي ڇت تي موجود ماڻهن کي اسنارڪل جي مدد سان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو