6 ججن جو خط: انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ لاءِ نئين درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ لاءِ نئين درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ايڊووڪيٽ خدايار موهله طرفان داخل ڪئي وئي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ 6 ججز جي خط تي جاچ لاءِ 3 ججز تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي، ڪميشن عدليه ۾ مداخلت جي ذميوارن جو تعين ڪندي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ انٽيليجنس ادارن جي آفيسرن جا اختيارن ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ قانونسازي جا حڪم ڏئي، ايجنسين جي ڪردار جي تعين لاءِ قانونسازي ڪرڻ وقت سپريم ڪورٽ جي فيض آباد ڌرڻي فيصلي کي به آڏو رکيو وڃي.درخواست سپريم ڪورٽ جي وڪيل جي ايم چوڌري جي ذريعي داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، قانون واري وزارت، گهرو وزارت ۽ ڪابينه ڊويزن کي ڌر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو