اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977 پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن عوام جي مينڊيٽ، آئين ۽ پارلياماني جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريت اهو سمجهو هو ته هو عوام جي آواز دٻائي ڇڏيندي، پر شهيد ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ جمهوريت پسند ڪارڪنن جي قربانين ثابت ڪيو ته حق ۽ عوامي حاڪميت کي ڪڏهن به شڪست نٿي ڏئي سگهجي.هن چيو ته اڄ 49 سال گذرڻ کان پوءِ به اسان جو ارادو اهوئي آهي ته آئين جي بالادستي جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين، ووٽ جي تقدس، پارلياماني جمهوريت ۽ عوام جي حق حڪمراني جو تحفظ ڪنداسين.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهيدن جي قربانين جو حقيقي خراج اهوئي آهي ته نفرت ۽ آمريت جي هر سائي کي رد ڪندي هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جاري رکي وڃي.










