ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نيشنل اسٽيڊيم روڊ تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي 48 انچ قطر واري ڊايا لائين جي مرمتي ڪم آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو. ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب مرمتي سرگرميون تيزي سان جاري آهن ۽ اميد آهي تہ اھيو ڪم اڄ رات 10 وڳي تائين مڪمل ڪيو ويندو. ترجمان ٻڌايو تہ مرمتي ڪم مڪمل ٿيندي ئي جمشيد ٽائون ۽ گلشن ٽائون جي متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بحال ڪئي ويندي، جنهن سان علائقي جي رهواسين کي درپيش مسئلن جو خاتمو ٿي ويندو. ترجمان موجب مرمتي ڪم دوران شهرين کي عارضي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن تي ادارو معذرت خواھ آهي. ترجمان شهرين جي سهڪار ۽ صبر کي ساراهيندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن شهرين کي بهتر ۽ بنا رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهر ۾ پاڻي جي ترسيل نظام کي مؤثر بڻائڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن پاران پاڻي جي لائينن جي مسلسل نگراني ۽ بروقت مرمت جو عمل جاري آهي تہ جيئن مستقبل ۾ اهڙي نوعيت جي مسئلن کان بچي سگهجي.










