اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اين ڊي ايم اي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 5 وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 زخمي ٿيا آهن.اين ڊي ايم اي موجب، برساتن سبب هاڻي تائين 221 ماڻهو فوت ۽ 592 زخمي ٿيا آهن.برساتن سبب پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 135 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هاڻي تائين برساتن سبب 804 گهر ڊهي پيا آهن.اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڪڪر ڦاٽڻ سبب بابوسر ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. بابوسر ٽاپ جي چوڌاري 7 کان 8 ڪلوميٽر جي علائقي ۾ سخت لينڊ سلائيڊنگ ۽ فليش سيلاب آيو آهي.اين ڊي ايم اي موجب، 14 کان 15 هنڌن تي رستا بند آهن. مختلف هنڌن تي ڦاٿل سياحن کي چلاس ۾ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.ڪهوٽا-آزاد پتن روڊ تي ٿنڊا پاڻي ۾ لينڊ سلائيڊنگ ٿي، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. روڊ جي صفائي ۽ ٽرئفڪ جي بحالي جو ڪم جاري آهي.ريسڪيو عملدارن ڪهوٽا ڏانهن سفر لاءِ ڪوٽلي-ڪهوٽا روڊ کي متبادل رستو استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










