ٻن سالن ۾ ڀتا خوري جا 172 ڪيس داخل ٿيا، لنجار

ٻن سالن ۾ ڀتا خوري جا 172 ڪيس داخل ٿيا، لنجار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتو وصول ڪندڙن واردات جو نئون طريقو اختيار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ٻارن ۽ بيروزگار ماڻهن کي هٿيار بنايو ويو آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته اي چالان سسٽم ٽريفڪ جي بهتري لاءِ آندو آهي، اي چالان کان پوءِ روڊ حادثن ۾ فوتگين جو تعداد گهٽ ٿيو آهي. هن چيو ته ڪالهه اجلاس گهرايو هو، اپوزيشن پارٽين کي ٻڌو، انهن کي چيو ته اي چالان جي حوالي سان تجويزون ڏيون، موٽر سائيڪل سوار جي ننڍي ۽ معمولي غلطين تي چالان گهٽ ڪنداسين. پورٽ تي هلندڙ ٽرالن مٿان ڏينهن جي وقت پابندي لڳائي آهي. واٽر ٽينڪر تي پابندي نٿا لڳائي سگهون نه ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جو مسئلو ٿي ويندو. ريتي ۽ ٻئي ڪنسٽرڪشن مٽيريل جي سامان تي ڏينهن ۽ اسڪول ٽائيم تي پابندي لڳائي آهي.صوبائي گهرو وزير چيو ته آءِ جي سنڌ جي تبديلي جي معاملي تي وفاق سان رابطو ڪيو آهي. وفاق 3 نالا اماڻيندو آهي، صوبو هڪ نالي جي منظوري ڏئي وفاق ڏانهن اماڻيندو آهي، سنڌ وٽ 21 گريڊ جا آفيسر آهن منهنجي خيال ۾ انهي معاملي ۾ ڪوبه مسئلو نه هوندو.ڪراچي ۾ ڀتو وصول ڪرڻ جي معاملي تي ڳالهيون ڪندي ضياءَ لنجار چيو ته ڀته خوري جي حوالي سان معاملن کي نه لڪايو، ڪالهه هڪ ڀته خور گروپ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهي ٻارن، بيروزگار ۽ ڏوهاري ماڻهن کي هائر ڪندا آهن. ڀته خور گروپ انهن ماڻهن کان تعمير هيٺ بلڊنگ جون تصويرون ٺهرائي ڄاڻ جمع ڪندا آهن.ڀته خورن جي پٺڀرائي برداشت نه ڪنداسين انهن کي بخش نه ڪيو ويندو.هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 2024 کان 2025 تائين ڀته خوري جا 172 ڪيسز رجسٽرڊ ٿيا آهن. پوليس جاچ ۾ 172 مان 75 ڪيسز ڀته خوري جا نڪتا هئا. ماڻهن جهيڙن، زمين ۽ برادري تڪرارن جا ڪيسز به ڀته خوري جا درج ڪرايا، پوليس ڀته خوري جا 73 ڪيسز حل ڪيا.ضياءَ لنجار چيو ته ڀته خوري جي 76 ڪيسز ۾ 131 ڏوهاري ملوث هئا، پوليس مقابلي ۾ 6 ڏوهاري مارجي ويا، 14 زخمي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو. ڀته خوري ۾ ملوث 100 کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آباد جي دوستن پريس ڪانفرنس ۾ 6 ڀته خوري جي واقعن جو حوالو ڏنو. قادري هائوس مان پوليس 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ، هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي آن لائن انويسٽمينٽ جو ڏٽو ڏئي شهرين کي لُٽيندڙ منظم گروهه خلاف ڪارروائي ڪندي 15 پرڏيهي ۽ 19 پاڪستاني شهري گرفتار ڪري ورتا.صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي وڏي ڪارروائي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته عالمي سطح تي منظم آن لائن گروهه خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي آهي.پريس ڪانفرنس ۾ اين سي سي آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر طارق نواز به گهرو وزير سان گڏ هو.گهرو وزير چيو ته جوابدار شهرين کي وڏي منافعي جي لالچ ڏيندا هئا، جعلي لاگ اِن ڏيکاري کيس اصل انويسٽمينٽ پورٽل جي خاطري ڪرائيندا هئا، جڏهن ته جعلي اڪائونٽن ذريعي نفعو ظاهر ڪيو ويندو هو.هن ٻڌايو ته ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني گيٽ وي ايڪسچينج، 6 غير قانوني گيٽ ويز، 10 هزار کان وڌيڪ موبائل سمون، هزارين انٽرنيشل سمون، 37 ڪمپيوٽر، ۽ 40 موبائل فونز برآمد ڪيون ويون.طارق نواز چيو ته گرفتياريون ڊي ايڇ اي فيز ون ۽ فيز سڪس مان عمل ۾ آيون، جڏهن ته جاچ ٽيم ٽيڪنيڪي بنيادن تي وڌيڪ شاهديون گڏ ڪري رهي آهي.ضياءُ الحسن لنجار انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ ڪال سينٽر ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن ۽ انهن ذريعي عالمي سطح تي وڏي پيماني تي فراڊ ڪيو پيو وڃي، عوام کي آن لائن فراڊ کان محفوظ بڻائڻ لاءِ اهڙا قدم جاري رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو