2 مهينن ۾ حلف نه کڻندڙ ميمبر جي نا اهلي بابت آرڊيننس منظور

2 مهينن ۾ حلف نه کڻندڙ ميمبر جي نا اهلي بابت آرڊيننس منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا ٻن مهينن ۾ حلف نه کڻندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسمبلي جي ميمبرن کي خود بخود ڊي سيٽ ڪرڻ ۽ خالي ٿيل جاءِ تي نئين سر چونڊ ڪرائڻ بابت آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها ڳالهه اطلاعات واري وفاقي وزير فواد  چوڌري وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌائي.

Prime Minister Imran Khan chairs meeting of the Federal Cabinet at Islamabad on 24th August, 2021

هن چيو ته وزيراعظم مينار پاڪستان تي ٽڪ ٽاڪر عورت سان پيش آيل واقعي جهڙن ٻين واقعن تي ڳڻٽي ظاهر ڪندي انهن کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙن جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي اجازت ن ڏيڻ زيادتي آهي، پي پي ۽ نواز ليف نٿا چاهين ته کين ووٽ جو حق ملي. اسين نادرا کي چيو آهي ته هو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ لاءِ مڪينزم تيار ڪري. هن ٻڌايو ته ڪابينا محمد اشفاق کي ايف بي آر جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

New Chairman FBR Ashfaq Ahmed

ياد رهي ته ٽن سالن موجوده حڪومت 5 ايف بي آر جا چيئرمين تبديل ڪري چڪي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا 37 نيون تيار ٿيندڙ دوائن جي قيمت مقرر ڪئي ۽ 12 دوائن جي قيمت ۾ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ڊاڪٽر نديم ظفر کي شماريات جي اداري جو سربراهه مقرر ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر احمد مجتبيٰ کي انٽليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي چارج ڏيڻ جي منظوري به ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو