124 مڊشپ مين ۽ 32 ڪميشنڊ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

124 مڊشپ مين ۽ 32 ڪميشنڊ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ 124 هين مڊشپ مين ۽ 32 هين شارٽ سروس ڪميشن ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي رهي آهي.ڪمانڊر رائل بحرين نيول فورس ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم البن علي هن باوقار تقريب جو مکيه مهمان آهي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف چيف مهمان جو استقبال ڪيو.پريڊ دوران ڪيڊٽس پاڪستان نيوي جي چيف ايڊمرل نويد اشرف کي سلامي ڏني، جڏهن ته بحرين جي ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم البن علي پريڊ جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي، چيف مهمان رائل بحرين نيول فورس ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس کي انعام ڏنا.پاڪستان مان آفيسر ڪيڊٽ عمر مختار کي چيف آف دي نيول اسٽاف گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن ته عراق مان آفيسر ڪيڊٽ الذهبي فهد حسام فريد کي چيف آف دي نيول اسٽاف گولڊ ميڊل ڏنو ويو.مڊشپ مين شهاب احمد کي اڪيڊمي ڊروڪ سان نوازيو ويو، مڊشپ مين محمد عزير عباس کي مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي اعزاز جي تلوار سان نوازيو ويو.ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور ضياءُ الرحمان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان نيول اڪيڊمي هڪ قابل فخر ادارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو